دائودپوٽو عبدالڪريم منشي

دائودپوٽو، عبدالڪريم منشي: منشي عبدالڪريم ولد خليفو محمد صالح دائودپوٽو ، 22 اپريل 1892ع تي پير ڳوٺ، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. سندس وڏا روهڙيءَ جا رهواسي هئا. سندس والد پير علي گوهر شاهه جو خليفو هو. هن قرآن شريف پڙهڻ کان پوءِ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. پير شاهه مردان شاهه کيس ٻنين جي حساب لاءِ منشي مقرر ڪيو. شاهه مردان شاهه اول جي وفات کان پوءِ 1919ع ۾ خيرپور رياست جي واليءَ جو منشي ٿيو ۽ بعد ۾ جھنگلات/ ٻيلن جو سنڀاليندڙ مقرر ڪيو ويو، جتان 1951ع ڌاري رٽائر ٿيو. نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ بعد درگاهه روضي ڌڻيءَ (پير پاڳاري) تي عريضي نويس ٿي رهيو. هي عروض جو پختو شاعر هو. شاعريءَ ۾ ’سيف‘ ۽ ’عبد‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس شمار قادرالڪلام شاعرن ۾ ٿئي ٿو. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. سندس شاعريءَ جو موضوع مجازي عشق جي بيان تي منحصر آهي. هن سنڌي ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ڪئي آهي. هن توحيد، نعت خواني، راشدي خاندان جي تعريف ۾ شعر ۽ ان وقت جي حالتن تي پڻ شعر چيا آهن. سندس ڪلام پختو ۽ بلند پايي جو آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ خاص حيثيت رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.04.22  عيسوي

منشي عبدالڪريم ولد خليفو محمد صالح دائودپوٽو ، 22 اپريل 1892ع تي پير ڳوٺ، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيٺ طيب علي علوي
شاهنواز خان شهيد
حڪيم محمد واصل درس
صلاح الدين تنيو
سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي
پيرل قنبر
پهلوان فقير ڊومڪي
جهمٽ مل واڌواڻي
محمد سومار ٿيٻو
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون